ڊاڪٽر صابره بيگم

ڊاڪٽر صابره بيگم

صابره بيگم ڊاڪٽر

صابره بيگم، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر صابره بيگم جو جنم 25 ڊسمبر 1951ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. مئٽرڪ 1969ع ۽ انٽر 1971ع ڌاري ڪراچي بورڊ مان ڪيائين. جڏهن ته گريجوئيشن 1973ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ۽ 1975ع ۾ ايم. ايس. سي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڊويزن ۾ ڪيائين. هن 1985ع ڌاري ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ئي Organic Chemistry يعني نامياتي ڪيميا جي مضمون ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي. ڊاڪٽر صابره بيگم پنهنجي شعبي سان واسطيدار ڪيترن ئي محڪمن ۾ ملازمت ڪئي. 1977ع کان 1982ع تائين ڪراچي يونيورسٽي جي ڪيميائي اداري ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري (HEJ) ۾ ‘جونيئر ريسرچ فيلو’، 1983ع کان 1988ع تائين ’ريسرچ فيلو‘ ۽ 1988ع کان 1989ع تائين ‘سينئر ريسرچ فيلو’ رهي. ڊاڪٽر صابرا پنهنجي شعبي سان وابسته ڪيترن ئي ملڪي توڙي غير ملڪي سطح جي ورڪشاپن، سيمينارن، ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪري معلومات جي ڏي وٺ ڪئي. هوءَ پاڪستان جي سائنٽفڪ سوسائٽيءَ جي ميمبر، پاڪستان ڪيميڪل سوسائٽيءَ جي ميمبر، 3rd World Organization for Women in Science Italy جي چونڊيل ميمبر به رهي. هن کي 1988ع ڌاري اسٽار وومن آف دي ايئر اوارڊ پڻ مليو. هن جو نالو ٻوٽن، جڙي ٻوٽين، مصالحن ۽ دوائن طور ڪم ايندڙ ٻوٽن جي ماهر طور آمريڪا جي يونيورسٽيءَ (Massachusetts) جي انٽرنيشنل ڊائريڪٽريءَ ۾ شامل آهي. هن بين الاقوامي جنرلن ۾ 116 تحقيقي مقالا لکيا آهن. هن وقت هيءُ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت سان رٽائر ڪري چڪي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.12.25  عيسوي

ڊاڪٽر صابره بيگم جو جنم 25 ڊسمبر 1951ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آگاڻي ملڪ
خروشچيف
برڪت علي ڀٽ
اتم ديارام هنڱوراڻي
جوهر شوڪت علي مولانا
دياگير سنت
حڪيم محمد يوسف کتري
رخمان گل
لالا موهن داس سيوستاني
ٽالپر مير شير محمد خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون